پوک گلابن جي

پوک گلابن جي

پوک گلابن جي

پوک گلابن جي (ڪتاب): سيد رفيق امروٽيءَ جي نعتيه شاعريءَ جو هي ڪتاب 2004ع ۾ ’امروٽ ادبي اڪيڊميءَ‘ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب جو انتساب شاعر پنهنجي استاد نثار بزمي مرحوم جي نالي ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سائين نثار بزمي مرحوم جي لکيل مهاڳ کان علاوه سيد رفيق امروٽيءَ جا حمد، نعتيه بيت، مولود شريف، نعتيه چوسٽا، نعتيه وايون، نعتيه غزل، نعتيه ڪافيون، نعتيه نظم، نعتيه آزاد نظم ۽ نعتيه چوڏهيا شامل آهن. آخر ۾ شاعرن ۽ اديبن جا ڪتاب ۽ شاعر جي باري ۾ تاثرات شامل آهن. 227 صفحن تي مشتمل رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي جلد واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو